ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ صوبائي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو گڏيل اجلاس ٿيو وڏي وزير وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته لياري ايڪسپريس وي کي صوبائي حڪومت حوالي ڪيو وڃي ته جيئن مرمت ۽ سارسنڀال کان علاوه ان کي هيوي ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ 2023 ۾ ايم 9 – اين 5 لنڪ روڊ جو منصوبو ڪافي حد تائين مڪمل ڪيو ويو، ٽوٽل 21 ڪلوميٽرن مان 7.2 ڪلوميٽر ٽريفڪ لاءِ کليل آهي، ڪراچي-ٺٽو 2 لين هاءِ وي کي ڊي فيڊرلائزيشن بڻائڻ جي منصوبي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جنوري2012 ۾ ڪراچي-ٺٽو-حيدرآباد سيڪشن (اين-5) سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو. خط جو حوالو ڏيندي اين ايڇ اي چيو ته روڊ کي ڊي فيڊرالئيز نه بڻايو ويندو پر ان جي ترقيءَ لاءِ اين او سي حڪومت کي ڏني ويندي. وڏي وزير اين ايڇ اي تي زور ڀريو ته هو ڪراچي-ٺٽو-حيدرآباد سيڪشن (N-5) کي وفاق کان ڌار ڪري ڇوته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت 8.2 ارب رپين سان ڪراچي کان ٺٽو سيڪشن (N-5) تي ڊبل ڪيريج وي تعمير ڪيو آهي جنهن تحت ڪمرشل روينيو، يوٽيلٽي پرووائيڊرز کي اين او سي جاري ڪرڻ وغيره کي گڏ ڪرڻ کان قاصر رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽول گڏ ڪرڻ کان علاوه يوٽيلٽي فراهم ڪندڙن کان ٻيون آمدنيون، رائٽ آف وي (ROW) فيس ۽ پيٽرول پمپن کان NOC چارجز وغيره ان ڪري هاءِ وي جي اونرشپ حاصل ڪرڻ ناگزير آهي. چيئرمين اين ايڇ اي چيو ته هي هڪ پاليسي فيصلو آهي ان تي وزارت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ڄامشورو- سيوهڻ روڊ انڊس هاءِ وي بابت وڏي وزير چيو ته منصوبي تي ڪم سست آهي. مختلف هنڌن تي ڏٺو ويو ته گريڊز ۽ ڪراس سيڪشنن، هيٺئين جاين کي سٺي نموني نه ٺاهيو ويو جنهن سبب روڊن تي پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي چيئرمين اين ايڇ اي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سمورن ڊيزائن ۽ ناقص مسئلن کي درست ڪيو ويندو وڏي وزير چيو ته عمرڪوٽ کان کوکراپار تائين روڊ 2022ع جي تازي برساتن سبب سخت خراب ٿي ويو آهي جنهن سبب نه رڳو گاڏين جي آپريشن ۽ مينٽيننس جو خرچ وڌي ويو آهي پر عمرڪوٽ کان کوکراپار تائين سفر جو وقت به وڌي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت روڊ کي ٻه طرفي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي تنهنڪري روڊ کي حڪومت جي حوالي ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ان تي چيئرمين اين ايڇ اي چيو ته وڏي وزير جي تجويز کي وزارت آڏو رکيو ويندو