ڪراچي (رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ کي باغ جناح ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ وارو ڪيس ٻڌڻي ٿي .عدالت ايس ايس پي ايسٽ کان 13 مئي تائين تفصلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي . ،عدالت ڊي سي ايسٽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ان ڪري سيڪيورٽي خدشن سبب جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، چيف جسٽس جي پبلڪ پراسيڪيوٽر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اوهين شريف ماڻهن کي ڇو ٿا اڳيان آڻيو؟ پٺيان جيڪي ماڻهو آهن انهن کان پڇو، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پاران ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته ڌيان سان ٻڌي وٺو هاڻي معاملا ائين نه هلندا، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته جاچ ڪنداسين ته معاملا اڳتي وڌي ويندا ۽ توهان کي تڪليف ٿيندي. تازو ئي باقاعده جلسو ٿيو آهي ، ريلي ڪڍي وئي آهي ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته انهن بنا اجازت جلسو ڪيو هو. چيف جسٽس چيو ته جلسي کي روڪڻ لاءِ توهان ڪيترا ماڻهو گرفتار ڪيا؟ جسٽس مبين لاکي چيو ته ڪو لاٺي چارج؟؟ ڪنهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي توهان؟ چيف جسٽس چيو ته وڏيون وڏيون ريليون نڪتيون وڏيون شخصيتون آيون ۽ هليون ويون، ڪجهه چئون ٿا ته چون ٿا عدالتن کي اهڙا حڪم نه ڏيڻ گهرجن، اهڙا حڪم ڇو نه ڏيون، ان ئي ئي ڪم لاءِ پئسا وٺون ٿا قانون موجب فيصلا ڪريون ٿا: چيف جسٽس چيو ته اها ئي عزت ڪمائي آهي ۽ ان کي برقرار رکنداسين. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سڪيورٽي جو معاملو آهي، جلسو ٿيندو ته سڪيورٽي به ڏيڻي پوندي،