آبادگارن کي بارداڻو ۽ ڪڻڪ جا اگهه نه ملڻ خلاف جماعت اسلامي جا ٻئي ڏينهن به مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي  ٻئي ڏينهن به آبادگارن کي بارداڻو ۽ ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف جماعت اسلامي طرفان جيڪب آباد، ٺٽو، سانگهڙ، ٽنڊوالھيار، ڌاٻيجي ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا  ويا. احتجاج ۾ شامل ماڻهو “ آبادگارن سان ناانصافي بند ڪريو، هارين کي پنهنجو حق ڏيو، بارداڻو حقدارن کي ڏيو، ڪرپشن ختم ڪريو، ظلم جا ضابطا نٿا مڃون” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا احتجاجي مظاهرن کي صوبائي اڳواڻ مولانا عبدالقدوس احمداڻي، حاجي ديدار علي لاشاري، ظهير الدين جتوئي، عثمان جمالي، حمزه ناهيون، وڪيل مجيد سمون، عبدالله آدم گندرو، هدايت الله رند، پير مسلم جان سرهندي، ديدار حسين بھراڻي۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن جي عدم توجهه ۽ ڪرپشن توڙي ڪميشن ڪلچر زراعت جهڙي شعبي کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي،

ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي زرعي سهولتون نه هجڻ برابر آهن تنهن هوندي به جيڪڏهن آبادگار پنهنجي مدد پاڻ تحت همت ڪري زراعت کي هٿي وٺرائن ٿا ته ان جو کين اجورو نٿو ملي ۽ سڄو فائدو مڊل مين ۽ ذخيره اندوز مافيا کي ملي ٿو. ٺٽي ۾ وڪيل مجيد سمون، عبدالله آدم گندرو، سانگهڙ ۾ظهيرالدين جتوئي، عثمان جمالي، جيڪب آباد ۾ ضلعي امير حاجي ديدار لاشاري، هدايت الله رند، ڌاٻيجي ۾ محمد علي پٺاڻ، يونس ناهيون، ٽنڊوالهيار ۾ مولانا عبدالقدوس احمداڻي ، ضلعي امير ديدار حسين بھراڻي  ٽنڊومحمد خان پريس ڪلب سامهون پير مسلم جان سرهندي ۽ ٻين مظاهرن کي خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.