ڪراچي (رپورٽر) آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي پوليس نيويارڪ ۽ ڪراچي ۾ ڏوهن ۽ ڏوهارين ۾ هڪجهڙائي رکڻ جي نتيجي ۾ نيويارڪ پوليس ۽ سنڌ پوليس ڏوهارين خلاف گڏجي تربيت وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪالهه سومر ڏينهن تي وزيراعلي هائوس ۾ نيويارڪ پوليس کاتي جي مختلف ڪيڊرز جي آفيسرن ملاقات ڪندي ڪيو، وفد جي اڳواڻي پي اي ايل ايس جو صدر احمد خليل ڪئي،
ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻيا به موجود هئا.. نيويارڪ پوليس جي وفد پاران سنڌ جي وڏي وزير کي آگاھي ڏني وئي تھ سنڌ پوليس جي آفيسرن کي تربيت فراهم ڪري سگهون ٿا. وڏي وزير آءِ جي، سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته خاص دلچسپي وٺندي نيويارڪ پوليس سان گڏ ٽريننگ سسٽم جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي پوليس کاتا هڪ ٻئي سان سهڪار کي وڌائيندا. وڏي وزير چيو تھ اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي، هاڻي رڳو اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو وڃي بچيو آهي، جنهن جو پڻ جلد خاتمو آندو ويندو، اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کي بار بار استعمال ڪرڻ سميت ڏوهارين خلاف قانونسازي ڪئي پئي وڃي.