اسرائيل جي ظلم کي دنيا جي ڪا بھ طاقت روڪي نھ سگھي آھي.ھزارين فلسطينن کي مارڻ، دنيا جي ڪنھن بھ چتاءُ کي نھ مڃيندڙ اسرائيل ھاڻي فلسطينن کي سندن ئي ڌرتيءَ تان ڌڪي ڌار ڪرڻ جي رٿا تي عمل ڪري رھيو آھي.محدود آپريشن جي نالي ۾اسرائيلي فوج اوڀر رفح جي علائقن ۾ رهندڙ اٽڪل ھڪ لک فلسطينين کي اتان نيڪالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جنھن بعد فلسطيني خاندانن اتان نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب رفح ۾ اسرائيلي فوج جي ان آپريشن جو دائرو ”محدود“ آھي.نيڪالي جي عمل تي مرحليوار عملدرآمد ڪيو ويندو.
اھڙي صورتحال سبب رفح جا مقامي ماڻهو ۽ اتي رهندڙ اٽڪل ڏھن لک کان وڌيڪ بي گهر شھري ھيسجي ويا آهن.ڇاڪاڻ جو اتي اسرائيلي فوج جي وڏي ڪارروائي جو خطرو آهي.
عرصي کان اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو چوندو رھيو آھي تھ جنگ ۾ فتح رفح جي علائقي ۾ حماس خلاف وڏي آپريشن سان سلھاڙيل آھي.اسرائيل جو خيال آھي حماس جي هزارين ويڙهاڪن تي ٻڌل چار بٽالين رفح ۾ لڪيل آهن. اولھه ۽ عرب ملڪن ۽ گڏيل قومن ڪافي ڀيرا رفح ۾ وڏي پيماني تي زميني آپريشن جي بابت خبردار ڪيو آهي.ڇاڪاڻ جو اھڙي ڪارروائي سان وڏي جاني نقصان جو خدشو آهي.
اسرائيل ۽ ان جي سڀ کان وڏي اتحادي آمريڪا ۾ رابطن تي رفح ۾ زميني آپريشن جي متبادل ۽ بهتر منصوبن تي ڳالھيون بھ ٿيون آھن.پر اهو اڃا تائين واضح ناهي ته ڇا هي نيڪالي ڪنھن اهڙي متبادل منصوبي جو حصو آهي يا نه. ٻئي طرف اسرائيلي يرغمالين جي خاندانن تازي آپريشن سبب يرغمالين کي نقصان رسڻ جي خدشن جو اظھار ڪيو آھي. گل ڊڪمين جا ٻھ مائٽ يرغمال ھئا،جنھن مان هڪ آزاد ٿي ويو، پر ٻيو اڃا تائين حماس جي تحويل آهي.سندس چوڻ آھي تھ اسرائيلي فوج جي رفح ۾ داخل ٿيڻ سان نه رڳو معصوم ماڻهن ۽ سپاهين پر يرغمالين جي زندگيءَ بھ خطري ۾ پئجي ويندي. ٻئي پاسي اسرائيل ۽ حماس جي ڳالهين جو تازو دور ختم ٿي ويو آهي.جنھن ۾غزه ۾ جنگ بندي ۽ حماس پاران يرغمال ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ مصر ۾ ڳالهيون ٿيون.حماس جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو دور آچر تي ختم ٿيو ۽ ان جو وفد هاڻي گروپ جي قيادت سان صلاح مشوري لاءِ قطر روانو ٿي ويو آھي. ٽياڪڙي جي تازي ڪوششن ۾ شامل سي آءِ اي سربراهه وليم برنس به وڌيڪ ڳالهين لاءِ مصر جي راڄڌاني دوحا روانو ٿي ويو آهي. جنگ بندي جي تجويز ۾ يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ 40 ڏينهن جو وقفو ۽ اسرائيلي جيلن ۾ فلسطيني قيدين جي آزاديءَ شامل آھي.حماس جو چوڻ آهي ته اها نئين جنگ بندي جي تجويز کي ”مثبت روشنيءَ“ ۾ ڏسي ٿي، پر ڳالهين جي ڪاميابي اڃا به ان ڳالهه تي سان مشروط آھي ته جنگبندي جو معاهدو مستقل آهي يا عارضي.
گروپ اصرار ڪري رهيو آهي ته معاهدي ۾ جنگ ختم جو حتمي فيصلو شامل ڪيو وڃي پر اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو گذريل آچر تي ان تجويز کي رد ڪندي چيو آهي ته حماس جا مطالبا اسرائيلي رياست کي قبول ناهي، سندس چوڻ آھي تھ اسان کي اهڙي صورتحال قبول نه آهي، جنهن ۾ حماس جا ويڙهاڪ پنهنجن بنڪرن مان وري ٻاهر اچن،ٻيھر غزه تي ڪنٽرول ڪن، پنھنجي جي فوجي انفراسٽرڪچر کي ٻيهر تعمير ڪن ۽ ڏکڻ جبلن جي چوڌاري سندن آبادين ۽ يھودي شھرين کي ڌمڪيون ڏين. اسرائيلي وزيراعظم چوي ٿو ته، ان سان اسرائيل جي شهرين کي خطرو آهي. اھو سڀ ڪجهھ اسرائيل جي هڪ خوفناڪ شڪست سمجهي ويندي.