لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي طبيعت خراب ٿي پئي، خانگي اسپتال ۾ طبي معائنو ڪيو ويو.
نواز شريف کي ڪرنگهي جي هڏي ۽ ڳچيءَ ۾ تڪليف سبب بحريا انٽرنيشنل اسپتال آندو ويو، جتي ميان نواز شريف جو ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان خان به ساڻس گڏ آهي.
نواز شريف کي ڳچيءَ ۽ هڏي جي تڪليف آهي جنهن تي سندس ٽيسٽ ڪئي وئي.