اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي ۽ اڳوڻي وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وچ ۾ ڪڻڪ اسڪينڊل تي تکن جملن جي ڏي وٺ ٿي.
اڳوڻي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ حنيف عباسي وچ ۾ گذريل رات هڪ خانگي هوٽل ۾ تڪرار ٿي پيو.
انوار الحق ڪاڪڙ حنيف عباسي سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا توهان مون کي گرفتار ڪرڻ آيا آهيو؟ جنهن تي حنيف عباسي چيو ته مون پروگرام ۾ سچ چيو، انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مون پڇيو ته حنيف عباسي ڪير آهي؟ جيڪڏهن مان فارم 47 جي ڳالهه ڪندس ته توهان ۽ مسلم ليگ (ن) پنهنجو منهن لڪائيندا وتندا.