سينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ميزبان ويسٽ انڊيز پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ويسٽ انڊين ٽيم جي قيادت رومين پائول کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ الزاري جوزف، جانسن چارلس، روسٽن چيز ۽ شيمرون هٽمائر شامل آهن.
ان کانسواءِ جيسن هولڊر، شاءِ هوپ، عقيل حسين ۽ شيمار جوزف پڻ ويسٽ انڊيز جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن.
ميگا ايونٽ ۾برينڊن ڪنگ، گڊاڪيش موتي نڪولس پوران، آندري رسل به ايڪشن ۾ نظر ايندو جڏهن ته شيرفين ردفورڊ ۽ روماريو شيفرڊ به ويسٽ انڊين اسڪواڊ ۾ شامل آهن.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جا مقابلا 1 جون کان 29 جون تائين آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري رهندا.