ملڪ جو آئين اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿوته پر ڪجهه حدون مقرر آهن: عطا تارڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪنهن سوشل ميڊيا پليٽفارم جي بندش جي حق ۾ نه آهيون پر سوشل ميڊيا کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ ڪو نه طريقيڪار هئڻ گهرجي،
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايڪس تي پابندي نگران دور ۾ لڳي، ايڪس جي بندش صحيح عمل نه هو، ڪنهن به سوشل ميڊيا پليٽ فارم جي بندش جي حق ۾ نه آهيان، پاڪستان جو آئين اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿوته پر ڪجهه حدون مقرر آهن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي پاڪستان ۾ آفيسون کولڻ گهرجن، پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جو سمورو نيٽ ورڪ ايڪس پر تي موجود، اِهي ماڻهو برطانيا ۽ بلوچستان مان نيٽ ورڪ هلائي رهيا آهن ۽ شرپسندي پکيڙي رهيا آهن.
سڌ سماءَ واري وزير چيو آهي ته سوشل ميڊيا کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو طريقيڪار هئڻ گهرجي، جيڪڏهن مستقبل ۾ اسان کي دهشتگردي سان وڙهڻو آهي ۽ عليحدگي پسندن سان مقابلو ڪرڻو آهي ۽ امن قائم ڪرڻو آهي ته ڪا نه ڪا گائيڊ لائين طئي ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.