ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿر ڪول انرجي بورڊ جو 27هون اجلاس اڄ ٿيو جنهن ۾ پي اينڊ ڊي واري وزير ناصر شاهه، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڄام خان شورو، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ڪرني سنگهه شرڪت ڪئي.
وڏي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته ٿر جو ڪوئلو 9100 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، هن وقت 12 سئو 35 اسڪوائر ڪلوميٽر تي ٻڌل 12 بلاڪ آهن جن تي ڪم جاري آهي جتي هر بلاڪ ۾ تقريبن 2 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هر بلاڪ 4 هزار کان 5 هزار ميگاواٽ بجلي 30 سالن تائين ٺاهي سگهي ٿو.
توانائي واري وزير ناصر شاهه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بلاڪ هڪ سائنو سنڌ ريسورس کي ڏنو ويو آهي ۽ هن بلاڪ تي ڪوئلو فيبروري 2023 کان ڪڍيو پيو وڃي، بلاڪ 2 سنڌ اينگرو وٽ آهي جنهن مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي.
ٿر ڪول بورڊ بلاڪ 2 جي ڪوئلي جو ٽيرف 36 ڏهائي 7 في ٽن مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايس اي سي ايم سي 45 ڏهائي 8 ڊالر في ٽن جي ڊمانڊ ڪئي هئي. ٿر بورڊ ايس اي سي ايم سي کي ڪوئلي جي کاڻ جي واڌ 7 ڏهائي 8 ايم ٽي پي اي مان وڌائي 11 ڏهائي 2 ايم ٽي پي اي ڪرڻ جي منظوري ڏئي….
ٿر ڪول انرجي بورڊ اجلاس، هر بلاڪ30 سالن تائين 4 هزار کان 5 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهي ٿو: وڏو وزير
You might also like