اظهار جي آزادي سدائين پ پ جي ترجيحن ۾ شامل رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صحافت جي آزادي جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ صحافين جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن.
اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحافين هميشه جمهوريت جي نگهباني ۽ نگراني ڪئي آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت سنڌ حڪومت هميشه صحافت جي آزادي، تعميري مڪالمي ۽ گڏيل برداشت کي هٿي ڏني آهي.
هن چيو ته صحافين جي تحفظ لاءِ سڀ کان اڳ پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ڪميشن جو قيام پيپلزپارٽي جو ڪارنامو آهي. اظهار جي آزادي کي پيپلزپارٽي هميشه پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته صحافين جي ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جو ويزن آهي، سنڌ حڪومت ۽ صحافين وچ ۾ سهڪار ۽ ڀائيواري جا ڪيترائي مثال موجود آهن. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت عوامي مفادن ۽ جمهوري نظرين لاءِ هميشه آزاد صحافت جي وڪالت ڪئي آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومتن کي جوابده بڻائڻ ۽ احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ صحافي ڀائرن جو هميشه اهم ڪردار رهيو آهي….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.