جمهوريت مخالف قوتون ميڊيا کي خاموش ڪرائڻ چاهين ٿيون: مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوريت مخالف قوتون ميڊيا کي خاموش ڪرائڻ چاهين ٿيون.
صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن تي ميڊيا جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
سندس چوڻ هو ته صحافت جي آزادي لاءِ قربانيون ڏيندڙ صحافين جي خدمتن کي سلام آهي، اظهار جي آزادي هر هڪ معاشري جي اجتماعي شعور جو آئينو آهي.
وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ميڊيا جي آزادي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، آزاد ۽ ذميوار ميڊيا بهترين ترجمان هوندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جي آزادي معاشرتي ذميواري جي احساس سان واڳيل آهي، پي ٽي آءِ باني جي حڪومت صحافين کي نشانو بڻايو هو.
وڏي وزير اهو به چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت صحافين جي جائز حقن تان ڪڏهن هٿ نه کڻندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.