ايم ڪيو ايم پاران ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف احتجاج جون تياريون

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف احتجاج ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ  موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان موجب هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچن ٿا، جن ۾ شهري به جانيون وڃائي ويٺا آهن، سنڌ حڪومت اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان مرڪزي احتجاج کان اڳ علائقائي سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي، احتجاج ڪيئن ٿيندو، ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿيندو، ان جو فيصلو ايم ڪيو ايم جي اعليٰ قيادت ايندڙ اجلاس ۾ ڪندي. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو يقين ڏياريو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.