سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع، پيپر سوشل ميڊيا تي وائرل، ڪاپي جي ڌم

حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص  تعليمي بورڊز طرفان مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿي ويا، پهرين ڏينهن ئي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ ٿي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، ٻئي طرف بجلي بند هئڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏکيائيون پيش آيون، گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڪنري، ڍورو نارو ۽ نئون ڪوٽ ۾ ڌاڙا ڌڙ ڪاپي رهي، ميرپورخاص ضلعي جي مختلف امتحاني  سينٽرن تي بجلي بند هجڻ ۽ گرمي سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون سخت پريشان رهيا، نوابشاهه، قاضي احمد، مورو، دوڙ، سانگهڙ ۽ پيرونمل ۾ به قلم 144 لاڳو هئڻ باوجود امتحاني مرڪزن ۾ڪاپي ٿيندي رهي، سکر  ۾ نائين  جماعت جو پيپر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، خيرپور ۽ فيض گنج جي امتحاني مرڪزن ۾به ڪاپي جي ڌم، لاڙڪاڻو، رتوديرو، نئون ديرو، سجاول جوڻيجو، شهدادڪوٽ، قمبر ۽ نصيرآباد ۾ ڪاپي جي ڌم رهي، ڪيتيرن ئي شاگردن وٽان موبائل فونز هٿ ڪيا ويا. لاڙڪاڻو تعليم بورڊ جي نگرانيءَ هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانه امتحان شروع ٿي ويا آهن جتي پهرين ڏينهن نائين جماعت جي سنڌي جو پرچو ورتو ويو جن لاءِ پوري ضلعي ۾ 47 امتحاني سينٽر قائم ڪري قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي. پرچو وقت پرچو شروع ٿيڻ سان ئي شهر جي اڪثر امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي.ٻئي طرف سکر تعليمي بورڊ پاران پهرين ڏينهن نائين ڪلاس جي انگريزي ۽ ڏهين ڪلاس جي اردو سليس ۽ سنڌي جا پيپر ورتا ويا. ڪيترن ئي امتحاني مرڪزن ۾ سهولتن جي کوٽ، بجلي ۽ روشنين جو ناقص انتظام شاگردن لاءِ پريشاني جو باعث بڻجي ويو.  هوڏانهن شهيد بينظير آباد ۾ نائين ۽ ڏھين جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا پيپرن دوران ضلعي انتظاميه پاران ضلعي شھيد بينظيرآباد امتحاني سينٽرن جي حد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جڏھن ته ايڇ ايم خواجه امتحاني سينٽر ۾ 7 شاگردن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. جڏهن ته تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي نگراني هيٺ شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحانن ۾ سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي، نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن جي پهرين ڏينهن ٻنهي شفٽن جا پيپر شروع ٿيڻ جي 15 منٽن اندر واٽسپ گروپن جي زينت بڻجي ويا ۽ امتحان ڏيندڙ شاگردن جو وڏو انگ کلي عام ڪاپي ڪندي نظر آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.