اسلام آباد (بيورو)سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطالله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ چند ڏينهن ۾ سعودي عرب جو اختياراتي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، هي اسان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آهي، وفدن جي مٽا سٽا جو سلسلو جاري رهندو. سوشل ميڊيا تي آن لائن هراسمينٽ ۽ فيڪ نيوز جي هوالي سان هڪ مهم ڏسڻ ۾ آئي، آن لائن سميت هر قسم جي هراسمينٽ جو خاتمو ضروري آهي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيوته سعودي ولي عهد جي هدايت تي سعودي وزيرن پاڪستان لاءِ وڏو پروگرام جوڙيو، اعظم نذير چيو ته ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس سرڪل کي وڌائڻ آءِ ايم ايف جا مطالبا آهن، معيشت جي صورتحال ڏينهون ڏينهن سنگين ٿي رهي آهي، 2700 ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪسن جا ڪيس عدالتن ۾ التوا ۾ پيل آهن جن تي فوري فيصلا ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته وزيراعظم جي راءِ ۾ معاشي بحالي ۾ ايف بي آر جو وڏو حصو آهي