نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ طارق منصور نائب وزير اعظم اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن چيلينج ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ داخل درخواست تي اڄ  ٻڌڻي ڪندي، ٻڌڻي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪندي.درخواست ۾  وزيراعظم سيڪريٽريٽ، پرنسپل سيڪريٽري، ايوان صدر، اسحاق ڊار، ڪيبينٽ ڊويزن ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواست ۾ تڪڙي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي آهي. داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين پاڪستان ۽ قانون ۾ نائب وزير اعظم جو ڪو به عهدو ناهي ، پر  ان جي باوجود آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي اسحاق ڊار کي نائب وزير اعظم مقرر ڪيو ويو آهي، درخواست گذار وڪيل طارق منصور داخل درخواست ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.