ڪي پي جي وڏي وزير پاران وفاق کي ٻيهر ڌمڪي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان پنهنجو حق گهرنداسين، ان کي خيرات نه سمجهو، وفاق کي پيغام  ڏئي رهيو آهيان ته اسان جو حق گهرڻ واري ڳالهه کي هلڪو نه ورتو وڃي، جيڪڏهن حق نه ڏنو ويو ته وفاق به اسلام آباد ۾ سک سان نه ويهندو. پشاور پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبي جا حق وٺي رهنداسين، ڇو ته ان کانسواءِ ترقي نه ٿا ڪري سگهون. علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان گڏ آئين کان مٿاھان قدم کنيا ويا، اڳوڻو وزيراعظم جيل مان ٻاهر آيو ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿيندي. هن چيو ته ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ اهڙي قانون سازي ڪنداسين. عوام سان واعدو آهي ته مظلوم مٿان ظالم جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏينداسين. وڏي وزير چيو ته اسان پنهنجو حق گهرنداسين، ان کي خيرات نه سمجهو. علي امين گنڊاپور چيو ته مان پنهنجي صوبي جي حق لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندس. هن چيو ته صحافين کي به گهرجي ته صوبي جي حقن جي جنگ ۾ اسان جو ساٿ ڏين. وڏي وزير چيو ته عوام جي ٽئڪس جو پئسو عوام تي خرچ ڪيو ويندو، مان هڪ سخي ماڻهو آهيان، اسان جي صوبي جو خزانو خالي نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.