ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا صوبي ۾ رينجرز جي مقرري واري مدي ۾ واڌ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ڊولپمنٽ اٿارٽيز توڙي ملير ايڪسپريس وي لاءِ فنڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ۾ ڪابينا ميمبرن، وڏي وزير جي صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري واري مدي ۾ ڇهن مهينن جي واڌ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي، سنڌ ڪابينا جي منظوري کان پوءِ رينجرز جي مقرري ۾ 13 جون 2024ع کان 9 سيپٽمبر 2024ع تائين واڌ ڪئي وئي، ڪابينا خيرپور ناٿن شاهه شهر جي حفاظت لاءِ سُپريو بند خدابخش واهه ۽ رائيس ڪئنال ڊويزن ۾ مرمت جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا پاران ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو ڊولپمنٽ اٿارٽيز کي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪابينا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ اوورسيز ڪيمٽي جي جاءِ تي گورننگ باڊي ٺاهڻ جي منظوري پڻ ڏني. سنڌ ڪابينا ٿر ڪول انرجي بورڊ ۾ وڌيڪ چار ميمبر شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا پاران ايم اين اي شازيا مري، صوبائي وزير سردار علي شاهه، آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ ڪرني سنگهه کي ميمبر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. دعوت هديه جي ناظم آباد ۾ 45 هزار 371 اسڪوائر يارڊ پلاٽ کي اسٽيمپ ڊيوٽي کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل پلاٽ تي بوهرا برادري يونيورسٽيي قائم ڪرڻ چاهي ٿي،سنڌ ڪابينا ملير ايڪسپريس وي لاءِ 7331 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا. عام چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنن اندر سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ لاءِ 1672 ڏهائي 698 ملين رپيا جاري ڪيا ويا هئا جن مان 193 ملين رپيا روڪيا ويا هئا ، ڪابينا باقي پيسا جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته عام چونڊن لاءِ گاڏيون هائير ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت 509 ملين رپيا منظور ڪيا هئا جن مان 141 ملين رپيا جاري نه ڪيا ويا هئا، ڪابينا ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ فنڊز جاري نه ڪيا وڃن، اهڙي سنڌ ڪابينا پاران ناڻي کاتي کي عام چونڊن ۾ امن امان جي مد ۾ رکيل رقم جو باقي حصو 250 ملين رپيا جاري نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.