اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي بابت وائيٽ پيپر جاري ڪندي چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته جڊيشل ڪميشن حقيقتن جي جاچ ڪري ۽ ڌانڌلي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري چونڊ سڌارا آڻي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وائيٽ پيپر ۾ مبينا ڌانڌلي جو اعلان ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ فارم 45 ۽ فارم 47 موجب نتيجا نه مليا. فارم 47 ۾ تبديلي ڪري اسان جي فتح کي شڪست ۾ بدلايو ويو. هن چيو ته اسان ان جي خلاف احتجاج ڪيو، اسان اتحاد ڪيو ۽ اهي احتجاج ڪندا رهنداسين ته قومي اسيمبليءَ ۾ اسان 180 سيٽون کٽيون ۽ فارم 47 ذريعي اسان جون سيٽون ٻين پارٽين کي ڏنيون، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو خاص سيٽون به هليون ويون. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي پر اها درخواست اڃا تائين مقرر ناهي ٿي، اسان سڄي پاڪستان ۾ اليڪشن ٽربيونل ۾ 158 درخواستون داخل ڪيون پر وقت تي فيصلا ڏيڻ لاءِ ڪافي ٽربيونل نه آهن. اسان فيصلو ڪيو آهي ته احتجاج، ٽربيونل، سپريم ڪورٽ، انصاف ۽ اتحاد جي گڏجاڻين سان گڏ 300 صفحن تي ٻڌل وائيٽ پيپر جاري ڪرڻ وارا آهيون. بئريسٽر گوهر چيو ته هي وائيٽ پيپر حقيقتن سان ڀريل آهي جنهن کي گارڊين، واشنگٽن پوسٽ، ڊي ٽائمز ۽ پاڪستان جي سموري ميڊيا مڃيا آهن.