سن (رپورٽ: ساگر سولنگي)سن ويجهو لاکڙا ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران 4 پورهيت کاڻ اندر دٻجي ويا 3 ڄڻا فوت هڪ کي بچايو ويو، ڪول مائينز ٿاڻي جي حد لاکڙا جي مومل ڪوئلا ڪمپني جي ڪوئلا کاڻ 32 مان ڪوئلو ڪڍڻ جي لاءِ 4 پورهيت کاڻ اندر لٿا ته اوچتو پورهيتن مٿان ڀڪ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾4 پورهيت کاڻ اندر دٻجي ويا، اتي موجود پورهيتن هڪ پورهيت کي زخمي حالت ۾ ترت ٻاهر ڪڍي ان جي حياتي بچائي وئي، جڏهن ته 3 پورهيت ڪي پي ڪي جا رهواسي انور زمين پٺاڻ، رحمان گل پٺاڻ ۽ پير پٺاڻ اڃان تائين کاڻ اندر ڀڪ جي ملبي هيٺيان دٻيل هئا، مقامي پورهيتن ڪمپني توڙي ضلعي انتظاميا کي اطلاع ڏنو پر نتظاميا پورهيتن جي حياتي بچائڻ جي لاءِ ڪو به تحريڪ نه ورتو. جنهن ٽئي پورهيت کاڻ اندر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا مقامي پورهيت ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت فوتي پورهيتن جي لاشن کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ امدادي ڪاروائين ۾ مصروف هئا خبر فائيل ٿيڻ پورهيتن جا لاش کاڻ مان ٻاهر نڪري نه سگهيا هئا، امدادي ڪاروائين ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن جو چوڻ هو ته ٽئي پورهيت ڀڪ جي ملبي هٺيان دٻيل آهن سهولتون نه هجڻ ۽ کاڻ ڪمزور هجڻ سبب پورهيتن جي لاشن کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي تڪليفون درپيش آهن فوتي پورهيتن جا لاش ٻاهر ڪڍڻ جي هڪ کان ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا.