لاهور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان نگران حڪومت دوران خريد ڪيل ڪڻڪ جي معاملي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن 4 ڏينهن ۾ ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي ته هو وزيراعليٰ هائوس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندا. لاهور ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ موجوده حڪومت ۾ شامل سمورا ماڻهو ملوث آهن. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ٻڌي حيرت ٿي ته حڪومت ڪڻڪ خريد نه ڪري رهي آهي، پهرين ٻڌايو وڃي ته ڪڻڪ ٻاهران ڪيئن خريد ڪئي وئي. ملڪ جا هڪ ارب ڊالر ڪڻڪ جي نالي تي ٻاهر موڪليا ويا، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.