پاڪستان جو بجلي جو نظام جڙ کان ئي ڊانواڊول آهي. ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ يعني FCA پاور سيڪٽر ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪندڙ آهي. هن وقت پاڪستان وٽ تقريبًا 160 وار هيڊ سان گڏوگڏ دنيا جو پهريون نمبر وڏا ايمٽي هٿيار موجود آهن پر افسوس جو غلط طرز حڪمراني سبب پاڪستان هن وقت افغانستان کان به وڌيڪ غربت ۾ گهريل ۽ قرضن مٿان قرض وٺندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. هڪ قرض لاهڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان ٻيو قرض ورتو وڃي ٿو. پر ان ڳالهه تي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به پارٽي يا ملڪ کي هلائيندڙن اشرافيا نه سوچيو آهي ته آخرڪار ڪيترو قرض وٺي ملڪ هلايو ويندو؟
الله تعاليٰ ملڪ کي سڀني نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي ڪرپشن ۽ رشوت خوري جي بيماري لڳل نه هجي ته اڄ ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن هجي ها. پر افسوس! سبزيون ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ ٿين ٿيون پر ملڪ جي عوام کي مهانگيون ڏنيون وڃن ٿيون. تازو ڀارت ۾ ڀينڊي 5 روپيا ڪلو آهي ۽ پاڪستان ۾ 150 روپيا ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي. بحرالحال مضبوط فوج ۽ ايٽمي ملڪ هجڻ ناتي پاڪستان جي دنيا ۾ هڪ مضبوط پوزيشن آهي پر افسوس جو طاقتور فوج ۽ ايٽمي ملڪ پاڪستان دنيا آڏو ڪستو کڻي پني رهيو آ. هن وقت پاور سيڪٽر جي باٽلي ۾ سوراخ ٿيڻ سبب پاڪستان کي دنيا آڏو رسوا ۽ پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير تي اچي ويئي آهي ۽ وچولو طبقو آهستي آهستي مٿي اڏار ڪرڻ بجاءِ زمين تي اچي رهيو آ.
اسان وٽ مختلف اسٽيڪ هولڊر جيڪي سسٽم کي ڪنٽرول ڪن ٿا. هڪ احتياط سان باٽليءَ ۾ سوراخ ڪن ٿا جيئن انهن کي ڪير نه ڏسي سڃاڻي نه وٺي ۽ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ليڪس کي گڏ ڪن ٿا ان جو بهترين ۽ معقول حل صرف ۽ صرف بجلي پيداوار جي صنعت ۾ شفافيت آڻڻ آهي. جيڪا نيشنل گرڊ ۾ وڌيڪ پاور پلانٽن کي مسلسل لڳاتار شامل ڪرڻ جي برخلاف آهي. جيڪو پهريان کان باٽلي ۾ سوراخ هجڻ سبب وهي ويندو ۽ پاڻي کي وڌيڪ شامل ڪرڻ جو ڄڻ ڪه هڪ ذريعو آهي. ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ FCA پاور سيڪٽر ۾ هڪ وڏو موڪرو سوراخ آهي. ان کي بند ته ڪري سگهجي ٿو پر ڀري نٿو سگهجي. ماهوار فيول جي لاڳت جي ايڊجسٽمينٽ بجلي پيدا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ فيول جي لاڳت تي هوندو آهي. جيئن قدرتي گئس، ايل اين جي ۽ ڪوئلو هوندو آهي ۽ ان جي بنيادتي نپيرا، قومي پاور ريگولٽر اتهارٽي ۽ موجوده مارڪيٽ جي قيمت جي بنياد تي هر مهيني بجلي جون قيمتون، فيول جي قيمت ۾ تبديليون ڪيون وينديون آهن. نيپرا جڏهن هر مهيني بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪندو آهي ته ڄڻ عوام مٿان هڪ هيرو شيما جيان ايٽم بم ڪرندو هجي. ڇاڪاڻ ته جيتري بجلي مهانگي ٿيندي رهندي اوتر ملڪ معاشي طور ختم ٿيندو ويندو. ۽ عوام کي بجلي اڻ لڀ ٿي ويندي ۽ پهريان کان عوام بجلي جي ٽيڪسن مان تنگ ۽ باغي ٿي رهيو آهي ويتر بجلي جون قيمتون وڌڻ سان عوام بي حال ٿي رهيو آ.
ملڪ معاشي طور وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هاڻي قيمتن جو طريقي ڪار ڪو بهتر ناهي بلڪه پوري پاور سيڪٽر ۾ شفافيت جي ضرورت آهي ظاهري طور آءُ ان ڳالهه ۾ اڻ ڄاڻ آهيان ته هڪ پاور پلانٽ يا بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانو ڪيترو ٻارڻ استعمال ڪري سگهي ٿو؟ ان بابت صرف بجلي سان وابسطه ٽيڪنيڪل ماڻهو ئي ڄاڻي سگهن ٿا. پر گهٽ ۾ گهٽ نيپرا جو فرض ٿئي ٿو ته اها پنهنجا فائدا عوام تائين يا صارفين تائين پهچائي. پاڪستان ۾ تقريبًا 50 سيڪڙو بجلي گئس، تيل يا ڪوئلي مان ٺاهي وڃي ٿي. هن وقت پاڪستان ۾ ڪوئلو ۽ گئس وڏي مقدار ۾ نڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي اشرافيا جيڪڏهن چاهي ته ملڪ جي عوام کي 24 ڪلاڪ نان اسٽاپ بجلي فراهم ڪري سگهي ٿي. پر حڪمرانن جي عوام سان وفاداري ۽ سچائي جو وڏو فقدان آهي. آصف زرداري کي صدر هوندي سندس وٽ وقت آهي ته هو سنڌ جا بند پيل بجلي جا ڪارخانا جن ۾ شڪارپور لوڊرا وٽ انور مجيد جو بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانو، لاکڙا پاور هائوس، نئون ديرو رينٽل پاور پروجيڪٽ ۽ سکر ٿرمل پاور اسٽيشن بند پيل آهن. جيڪڏهن اهي هڪ ڀيرو ٻيهر هلايا وڃن ته ملڪ کي بهتر بجلي ملي سگهي ٿي ۽ سنڌ جي هر شهرن ۽ ڳوٺن کي 24 ڪلاڪ بجلي ملي ويندي. پر ائين ٿيندو ڪونه. بحرالحال جڏهن پاور پروڊيوسر ٽيڪنيڪي طور آڊٽ جي اجازت نه ٿا ڏين ته پوءِ استعمال ٿيندڙ فيول جي مقدار جي تصديق ڪير ڪندو؟ جيڪو هڪ وڏو سوال آهي ان لاپرواهي ۽ غفلت جي قيمت غريب صارفين ئي ادا ڪري رهيا آهن.
وڏو مسئلو ٿرمل پاور پلانٽن جي ميرٽ طور آرڊر جي خلاف ورزي به آهي. ميرٽ آرڊر جو مقصد بجلي جي سڀ کان گهٽ خالص قيمت کي پهريان وڪڻڻ جي قابل بنائڻ آهي. جنهن سان صارفين کي بجلي جي نظام کي مجموعي طور خرچن جي گهٽتائي ۾ مدد ملندي آهي. ميرٽ آرڊر فيول جي قيمت ترتيب وار بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ موجوده وسيلن جي درجا بندي ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. هن جي اڪائونٽ تي هڪ نظر وجهنداسين ته مالي سال 2022-23 ۾ اقتصادي ترتيب جي ڀڃڪڙي سبب ڪجهه پاور پلانٽن جي گهٽ استعمال سبب 20 ارب روپيه لاڳت آئي. ان جو اثر اڪثر پاور پلانٽن پوري لوڊ تي نٿا هلايا وڃن. جنهن جي نتيجي ۾ ماهوار FPA ۾ گهٽ ڪارڪردگي ۾ زياده پيداواري لاڳت ايندي آهي ۽ پوءِ ان سان صارفين وڌيڪ متاثر ۽ پريشان ٿيندا آهن ۽ ان غفلت سبب صرف حڪومت جا 48 ارب روپيا خرچ ٿيا. ٻيو وڏو نقصان آر ايف او يا ايڇ ايس ڊي استعمال ڪرڻ وارن پاور پلانٽن جو آپريشن هو، جيڪو 164 بلين روپين تائين هيو، جڏهن ته ساڳئي مالي سال ۾ نسبتا سستو ٻارڻ استعمال ڪرڻ جي ڪافي گنجائش موجود هئي، ۽ صارفين ان وڏي مالي نقصان کان بچي سگهن پيا. اين پي سي سي جو سپروائيزري ڪنٽرول ۽ ڊيٽا ايڪيوزيشن (Scada) نظام اعليٰ ڪارڪردگي سان گڏ ڪم ڪري ها ته. Scada هڪ حقيقي وقت جي ڪمپيوٽر تي ٻڌل نظام آهي جيڪو سڄي پاور سسٽم جي نگراني ۽ ڪنٽرول ڪندو آهي، گڏوگڏ اقتصادي ميرٽ آرڊرن جي آٽوميشن، پاور سسٽم جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ قابل اعتماد ۽ خرچن کي گهٽائڻ. Scada ٿوري اضافي سان گڏ حقيقي وقت ۾ ڪنهن به پاور پلانٽ جي ٻارڻ جي کپت کي ظاهر ڪندو آهي. نيشنل پاور ڪنٽرول سينٽر (NPCC)، نيشنل ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) جو هڪ ماتحت، هڪ لوڊ ڊسپيچ سينٽر آهي جيڪو جنريشن ۽ ٽرانسميشن جي وچ ۾ هڪ اهم ڪڙي آهي، جيڪو بجلي صارفين کي بجلي جي ضرورتن کي همٿائي ٿو. في الحال NPCC پاڪستان جي پوري ٽرانسميشن ۽ سب ٽرانسميشن نيٽ ورڪ جو انتظام ڪندو آهي. 100 کان وڌيڪ پاور پلانٽس موڪلڻ ۽ 1000 کان وڌيڪ گرڊ اسٽيشنن تي نيٽ ورڪ آپريشنز کي همٿائيندڙ ادارو آهي. سال 1992 ۾، جاپان جي مدد سان NPCC ۾ SCADA نصب ڪيو ويو.
بهرحال، سسٽم جي جزوي دستيابي جي باوجود، ڪيترن ئي اهم حصن جي غير موجودگي – ٽيڪنيڪل هارڊويئر، اختيارين جي دلچسپي ۽ سافٽ ويئر اپڊيٽ – ان کي غير موثر بڻائي ڇڏيو. جوهري پاڪستان ملڪ ۾ 2023 جي بليڪ آئوٽ دوران اسڪاڊا جي ڪارڪردگي جي گهٽتائي جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي. اهو دنيا جي تاريخ ۾ ٻيو وڏو بليڪ آئوٽ هو ۽ پاڪستان ۾ ٻن سالن ۾ وڏي گرڊ ناڪامي ٿي، جنهن ۾ هندستاني رياست گجرات جي ان وقت جي وڏي وزير نريندر مودي رياست جي بجليءَ جي نظام ۾ Scada متعارف ڪرايو. بعد ۾، سڄو سسٽم هندستان ۾ لاڳو ڪيو ويو جنهن ۾ 26 بلين ڊالر جي وڏي قيمت گھٽائي وئي، جنريٽر ۽ انهن جي فائدي وارن سان حصيداري ڪيل فائدن سان آخرڪار صارفين لاءِ بجلي جي قيمت گھٽائي ٿي. 2015 ۾، NTDC بين الاقوامي ڊونرز جي مدد سان اسڪاڊا III پروجيڪٽ شروع ڪيو. ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ ڪيترا سال لڳندا؟ ڪنهن کي ڪابه خبر ناهي. ان دوران، دنيا هڪ سمارٽ گرڊ ڏانهن وڌي وئي آهي، هي نظام سپلائي جي بهتر نگراني، تجزيپ ۽ ڪنٽرول جي اجازت ڏيندو آهي ته ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي سگهجي. بجلي جي استعمال ۽ خرچن کي گهٽائڻ، ۽ حقيقي وقت ۾ بجلي جي سپلائي جي شفافيت ۽ اعتماد کي زياده کان زياده وڌائي سگھي ٿو.
ڪيڏو افسوس ٿيو جو جڏهن هن مهيني ايف آءِ اي ۽ پوليس پنجاب ۾ بجلي چوري جي جاچ لاءِ ويا. هڪ ڀيرو ٻيهر، هندستاني چانهه واري پي ايم مودي، ٽرانسميشن ۽ تقسيم جي نقصان سان گڏوگڏ نيشنل سمارٽ گرڊ مشن جي چوري جو جواب پيشه وارا ماڻهن جي تعيناتي ذريعي ڏنو. نه ڪه پاور سيڪٽر کي سڌارڻ لاءِ مضبوطي لاءِ پنهنجي پنسديده بيورڪريٽن کي لڳائيندي ڏنو. پنهنجي مضبوط آئي ٽي انفراسٽرڪچر ۽ 80 ملين باشعور سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ، پاڪستان آساني سان مصنوعي ذهانت کي ذهين سمارٽ گرڊ ٽيڪنالاجي ٽيڪنالوجي سان ڳنڍي بجلي جي باٽلي ۾ سوراخ ڪري سگهي ٿو ۽ 250 ملين ماڻهن تي اعتماد کٽي ڪري ملڪ کي معاشي طاقت بڻائي سگهي ٿو.
بحرالحال هن وقت افغانستان پنهنجي ملڪ ۾ ريلوي نظام کي پاڪستان کان وڌيڪ مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ اسپين بولدڪ، قندهار، اندخوئي، مزار شريف ۽ شبرغان مزار شريف جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو جلد ئي چين جي تعاون سان شروع ڪيو ويندو. حالانڪه موجوده حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته چين، پاڪستان مان وڏو مايوس ٿيندي پنهنجا ديرا افغانستان ۾ ڄمائي رهيو آهي ۽ چين افغانستان ۾ پنهنجو وڏو معاشي منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ چيني انجنيئرن کي وڏو جاني توڙي مالي تحفظ مليل آهي پر پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي تازو چين جا 6 انجنيئر پاڪستان ۾ قتل ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ چين پاڪستان ۾ پنهنجا منصوبا جاري رکڻ تي يا بند ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
بحرالحال چين پاڪستان مان سخت مايوس ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ڏٺو وڃي ته چين پاڪستان کي معاشي طور اڀارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ چين نه چاهيندو ته پنهنجا قابل انجنئير پاڪستان ۾ قتل ڪرائي مايوس ٿي واپس موٽي. ان کان علاوه افغانستان پنهنجي ملڪ ۾ وڌ کان وڌ هوائي اڏا کولي رهيو آهي. پر پاڪستان پنهنجي ملڪ ۾ هوائي اڏا بند ڪري رهيو آهي جن ۾ موئن جو دڙو انٽرنيشل ايئرپورٽ، سيوهڻ ايئرپورٽ، ميرپور خاص ايئرپورٽ، حيدرآباد ايئرپورٽ ۽ نوابشاهه ايئرپورٽ شامل آهن جيڪي تقريبن ملڪي اڏامن جي نه اچڻ سبب بند ٿي ويا آهن. موهن جو دڙو ايئرپورٽ بند هجڻ سبب سياحن کي تمام وڏي تڪليفون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن. هن وقت صورتحال اهيا آهي ته پاڪستان کان افغانستان معاشي معاملن ۾ تيزي سان اڳڀرو نڪري رهيو آهي پاڪستان تيزي سان معاشي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي جنهن جو نڪرڻ 50 سالن تائين نظر ڪونه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته سڀني کي ڦر لٽ جي عادت پيل آهي ان ڪري هڪ قرض ٻئي قرض کي لاهڻ لاءِ ورتو وڃي ٿو ان ۾ به اربن روپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي ته پوءِ ان صورت ۾ ملڪ جو سڌرڻ ملڪ جو خوشحال ٿيڻ تمام ڏکيو آهي جيڪڏهن اشرافيه ۽ حڪمرانن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ نه سوچيو ته ملڪ هڪ ڏينهن دنيا جي نقشي تان مٽجي ويندو.