عشق مرشد جي آخري قسط جمعي تي سينيما گهرن ۾ ڏيکاري ويندي

بلاڪ بسٽر ڊرامي ”عشق مرشد“ جي آخري قسط 3 مئي جمعي تي سموري ملڪ جي سينما گهرن جي زينت بڻجندي.
خابرو اداري موجب آخري قسط ڪراچي، لاهور، اسلام آباد سميت ٻين وڏن شهرن جي ڪيترن ئي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
ڪيترن ئي شهرن ۾ پکيڙيل وسيع ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ سان گڏ، مختلف علائقن جي شوقينن کي سينما گهرن ۾ فائنل قسط ڏسڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
ڊرامي ۾ عشق مرشد ۾ دُرفشان، سليم ۽ بلال عباس خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان ڊرامي کي پاڪستان سميت پرڏيهي سطح تي پذيرائي ملي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.