اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ٽيم ملائيشيا رواني

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ٽيم ملائيشيا رواني ٿي وئي.
عماد بٽ جي قيادت ۾ 18 رُڪني ٽيم سان گڏ طارق بگٽي، رانا مجاهد ۽ پنج رڪني مئنيجمينٽ ڪميٽي به ملائيشيا رواني ٿي.
مئنيجمينٽ ۾ رولينٽ آلٽمنز هيڊ ڪوچ، ذيشان اشرف، مئنيجر محمد عثمان، اسسٽنٽ ڪوچ نديم لوڌي، وڊيو انالسٽ محمد وقاص ۽ فزيو ٿراپسٽ شامل آهن.
اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ چار مئي کان ايپو ۾ شروع ٿيندي، پاڪستان ٽيم ميگا ايونٽ جي پهرين ڏينهن ميزبان ملائيشيا خلاف ميدان تي لهندي.
پاڪستان جي ٻي ميچ پنج مئي تي ڏکڻ ڪوريا سان شيڊيول آهي، گرين شرٽس ست مئي تي جپان ۽ اٺ مئي تي ڪئناڊا سان مهاڏو اٽڪائيندي.
ڏهه مئي تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ رٿيل آهي جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل يارنهن مئي تي کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.