سينئر پاڪستاني اداڪارا اسما عباس جو چوڻ آهي ته هاڻي اداڪارن کي سوشل ميڊيا فالور جو انگ ڏسي ڪم ڏنو ويندو آهي.
اسما عباس هڪ انٽرويو ۾ ٽي وي تي بهتر اسڪرپٽ جي گهٽتائي تي ڳالهايو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته سينئر اداڪارائن کي صرف اهو ڪردار ملندو آهي جنهن ۾ مائرون پنهنجي ٻارن جي شادي لاءِ مرنديون آهن يا پنهنجي طلاق جي فڪر ۾ رهنديون آهن ۽ اهي حقيقي ڪهاڻيون ناهن.
هن ٻڌايو ته سينئر ماڻهن زندگي ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو آهي، انهن جون ڪهاڻيون وڌيڪ آهن پر پاڪستان ۾ اسڪرپٽ ۾ حقيقتن جي گهٽتائي آهي.
اسما عباس چيو ته ڪاسٽ ڪرڻ کان پهريان ميڪرز سينئر اداڪارن جا فالور به چيڪ ڪندا آهن، هڪ سينئر آرٽسٽ هوندي به مون سان به ائين ڪيو ويو.
You might also like