ڪراچي پوليس آفيس حملي ۾ هڪ مدرسي جو استاد به ملوث هو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪي ماڻهو وڏين وڏين گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندا آهن انهن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي ته سخت کان سخت ڪارروائي ٿيندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسڪولن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن جي حوالي سان قانون سازي ڪئي ويندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته منشيات فروشن جا خراب ڏينهن شروع ٿي چڪا آهن، نه مڙيا ته سندن حشر خراب ٿيڻ وارو آهي، غيرقانوني پرڏيهين جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا، جتي هو تحفظ وٺن ٿا، انهن جاين جي مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جو هڪ جوابدار هڪ مدرسي جو استاد هو، ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، اهڙن حملن ۾ استادن جو ملوث هجڻ ڳڻتي جي ڳالهه آهي.
سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري واضح هدايتون ڏنيون آهن ته ڌاڙيلن جو ڪوبه سهولتڪار هجي، ان سان نرمي نه ڪئي ويندي.
صوبائي وزير چيو ته ڪير به ڏوهارين جي سرپرستي ڪندو، ان خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو، اسٽريٽ ڪرائيم تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪري رهي آهي، پوليس نيڪ نيتي سان وزيراعليٰ جي هدايتن موجب محنت ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته غيرقانوني پرڏيهين خلاف قومي پاليسي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.