ڀارتي ايجنٽن جي حملن جا ثبوت دنيا آڏو رکيا، پاڪستان ڪنهن پرڏيهي حڪومت کي اڏا فراهم نه ڪندو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن پرڏيهي حڪومت کي اڏا فراهم نه ڪندو.
پرڏيهي ترجمان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جا آمريڪا ۽ ايران سان سٺا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن سان قومي مفاد ۾ پنهنجن لاڳاپن کي وڌائينداسين، پاڪستان، چين ۽ ايران ٽه ڌريون ڳالهيون اهم آهن، هن وقت تائين انهن ڳالهين جي تاريخ طئي ناهي ٿي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطن جا مختلف چينلز آهن، ايران سان سهڪار وڌائڻ لاءِ رابطا جاري رکنداسين.
ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ توانائي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.
هن چيو ته ڀارتي نيٽ ورڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ سرگرم هو، ڀارت عدالت کان مٿانهن قتلن جو نيٽ ورڪ دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، پاڪستان ڀارتي ايجنٽن جي حملن جون شاهديون دنيا سامهون رکيون، ڀارتي عمل عيرقانوني ۽ عالمي قانونن جي ڀڇڪڙي آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ عوام ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.