اسلام آباد(معظم فخر+رئوف ڪلاسرا)ڪڻڪ خريداري ۾ نگران حڪومت ۽ ڪاموراهي شاهي جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل منظرعام تي اچي ويو،ملڪ ۾ ڪڻڪ جي لاباري دوران به درآمد ڪيل ڪڻڪ جا جهاز اڃا تائين پهچي رهيا آهن،هڪ ارب ڊالر ماليت جي 30 کان 40 ملين ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ ملڪ جي آبادگارن کان ڪو به ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،ڪڻڪ خريداري ۾ ٽي سي پي، واپار ۽ ناڻي وزارت جي ڪامورن نجي شعبي کي دعوت ڏئي قومي خزاني کي اربين رپين جو کاٽ لڳائي ڇڏيو،فري مارڪيٽ جي نالي تي ملڪ جي آبادگارن کي روليو ويو آهي، درآمد ڪيل ڪڻڪ معياري به نه هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اسٽيبلشمينٽ لاءِ پنهنجي پاليل لاڏلي اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پيدا ڪيل بحران به مٿي جو سور بڻيل آهي،قومي خزاني کي 380 ارب رپين جي ٿيل نقصان جي ذميواري انوارالحق ڪاڪڙ جي مٿان آئي آهي،نگران حڪومت ختم ٿيڻ کان رڳو ڪجهه ڏينهن اڳ يوڪرين مان ڪڻڪ درآمد جو فيصلو ڪيو ويو،اها درآمد هن وقت پاڪستان ۾ آبادگارن لاءِ معاشي موت جو سبب بڻيل آهي،حڪومت ۽ آبادگار بي وسي جي تصوير بڻيل آهن،جنهن وقت 40 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد جو فيصلو ڪيو ويو ان وقت پاڪستان کي رڳو 10 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي کوٽ درپيش هئي،حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 3900 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي،نگران دور ۾ ڪڻڪ درآمد ۾ نجي شعبي کي ڇوٽ ڏئي جي ايس ٽي ۽ ڪسٽم ڊيوٽين ۾ رعايت ڏني وئي،ان اسڪينڊل ۾ انوارالحق ڪاڪڙ سان گڏ هڪ ڪاموري وفاقي سيڪريٽري خوراڪ محمد محمود جو نالو به سامهون اچي رهيو آهي جنهن جي مقررين دوران راولپنڊي رنگ روڊ ۽ نندي پور پاور پراجيڪٽ جهڙا اسڪينڊل به سامهون اچي چڪا آهن،وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منظم منصوبي تحت اضافي ڪڻڪ درآمد ٿي جنهن سان 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، ان اسڪينڊل ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي لاڏلي انوارالحق ڪاڪڙ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي،انوارالحق ڪاڪڙ صحافين پاران رابطي تي ٻڌايو ته مان ان جي ذميواري قبول ڪريان ٿو،اهو فيصلو ٺيڪ هو، هن جو موقف آهي ته ڪڻڪ جيڪڏهن وافر مقدار ۾ گهرائي وئي آهي ته ان سان عام ماڻهو ته فائدو ٿيو آهي، اٽو سستو ٿي رهيو آهي
”پاڪستان ۾ اٽو 8 سئو رپيا ڪلو ٿي ويو آهي“ڀارتي ميڊيا پاران ڪوڙيون خبرون شايع
ممبئي (م ڊ)ڀارتي ميڊيا پاڪستان ۾ ڪڻڪ بابت خبرن کي غلط رنگ ڏئي ڇڏيو، مقامي ميڊيا پاران ڪوڙيون خبرون شايع ڪيون ويون آهن ته پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو اٽو في ڪلو 800 رپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪيترن ئي مقامي اخبارن، ٽي وي چينلن ۽ نيوز ويب سائيٽن تي خبرون ڏسڻ ۾ آيون آهن ته پاڪستان ۾ حالتون سنگين ٿي ويون آهن ۽ ڪڻڪ جو اٽو في ڪلو 800 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ هر ماڻهو هن وقت ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته ڀارتي خبرن جي ابتڙ پاڪستان ۾ اٽي جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي، هن وقت 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو لڳ ڀڳ ٻن هزار رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.
غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري
اسلام آباد (بيورو + م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف نگران حڪومت جي دور ۾ غير ضروري خريد ڪيل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ميان مشتاق نگران دور ۾ ڪڻڪ خريداري جي جاچ مڪمل ڪري وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندو.حڪومت فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينئر ميمبر ميان مشتاق کي چيئرمين لڳائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.ميان مشتاق جي ايف پي ايس سي ۾ 13 مهينا سروس باقي رهي ٿي. 15 ڪامن سان تعلق رکندڙ ميان مشتاق پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گريڊ 22 جو رٽائرڊ آفيسر آهي.
ڪراچي پورٽ تي جهاز مان ڪڻڪ لاهڻ وارو عمل روڪيو ويو:ذريعا
ڪراچي ( رپورٽر) شپنگ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي پورٽ تي جهاز مان ڪڻڪ لاهڻ وارو عمل روڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي تاريخي 31 مارچ مقرر ڪري هئي، شپنگ ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته موڪلن سبب پورٽ تي جهازن جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن جنهن سبب جهازن جي برٿ تي اچڻ ۾ دير ٿي آهي، شپنگ ذريعن جو چوڻ آهي ته هي آخري جهاز هو جنهن ۾ 22 هزار ٽن ڪڻڪ رهجي وئي آهي،
پشاور ۽ پنجاب ۾ اٽو وڌيڪ سستو ٿي ويو
لاهور/ پشاور (بيورو +م ڊ)پشاور ۽ پنجاب ۾ اٽو وڌيڪ سستو ٿي ويو، پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 300، جڏهن ته پنجاب ۾ 200 رپيا گهٽ ٿي وئي آهي. فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي نئين قيمت 2 هزار رپيا ٿي وئي آهي. ٻئي طرف پشاور ۾ به اٽي جون قيمتون گهٽ ٿي ويون، 300 روپين جي گهٽتائي کان پوءِ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1900 رپين جو ٿي ويو آهي. اٽي جي ڊيلرز ٻڌايو ته اٽي جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته گذريل ٻن هفتن دوران اٽي جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا گهٽتائي آئي آهي پر قيمت ۾ گهٽتائي جي باوجود گهٽ وزن جي ماني جو وڪرو جاري آهي.
پنجاب جا هاري سراپا احتجاج، حڪومت ڪڻڪ خريدڻ کان لاچار
لاهور (بيورو) پنجاب ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري شروع نه ڪرڻ خلاف هاري سراپا احتجاج آهن. انهن احتجاجن، هارين جي گرفتارين ۽ مٿن لاٺي چارج جي واقعن کان پوءِ به پنجاب حڪومت ڪڻڪ جو هڪ داڻو به خريد نه ڪري سگهي آهي. پنجاب ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ به ڪڻڪ جي خريداري مهم شروع ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪو به اعلان نه ٿي سگهيو آهي. پاڪستان هاري اتحاد جي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته لڳي ٿو ته حڪومت هن سال هارين کان ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي هارين کي قيمت به نه ملي رهي آهي. مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ سرڪاري اگهه کان 1000 رپيا في مڻ گهٽ اگهه تي خريد ڪئي پئي وڃي. هن صورتحال ۾ هاري ايندڙ فصلن ۾ ڪپهه ۽ چانور جي پيداوار لاءِ گهربل شيون خريد ڪرڻ کان به قاصر آهن. پنجاب حڪومت جي زراعت کاتي جي هڪ اعليٰ آفيسر پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت وٽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن ۽ ان کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي. اسان بئنڪن کان مهانگو قرض نه ٿا وٺي سگهون ۽ وڏو وياج به ادا نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ڪڻڪ جي حڪومتي خريداري واري پاليسي موجب اسان جيترو ٿي سگهي، ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون. هن وقت اسان وٽ 2.3 ملين ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو آهي، جيڪا اسان جي صوبي جي سڄي سال جي ضرورت کان وڌيڪ آهي.