پ پ ۽ متحده ۾ رابطا بحال، سنڌ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضي

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي ۽ متحده ۾ ڊيڊلاڪ ختم ٿيڻ لڳو، ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ صوبي ۾ پ پ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي  راضپو ظاهر ڪيو آهي، ڪالهه ايم ڪيو ايم جي وفد خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ صدر مملڪت ۽  پ پ پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جتي ملڪي سياسي صورتحال خاص ڪري سنڌ ۾ امن امان ۽ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ايم ڪيو ايم جي وفد صوبي ۾ امن امان لاءِ پ پ سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. متحده ڪراچي ۾ ڏوهن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي سرد مهري سبب ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان رابطا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن صدر زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس تي تبصرو ڪندي متحده جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته صدر پاران امن امان بابت اجلاس تي عوام جو اعتماد وڌندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.