تيل اگهن ۾ لاٿ مهانگائي جو متبادل ناهي، مزدور جي پگهار وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين: وزيراعظم

لاهور (بيورو + م  ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهو جي زندگي ڏکي آهي، اسان خرچ گهٽائڻ ۽ مزدور جي پگهار وڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. لاهور ۾ مزدور ڏهاڙي جي تقريب کيخطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مهانگائي عام ماڻهو جي زندگي تنگ ڪري ڇڏي آهي، تيل اگهن ۾ لاٿ مهانگائي جو متبادل ناهي، اسان کي مزدور جي عظمت جو احساس آهي، مزدور کي جائز حق نه ملندو ته ملڪ ترقي نه ڪندو. هن چيو ته اڄ سفارش هلي رهي آهي، کربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، هي ملڪ امير سان گڏ غريب جو به آهي، يتيم جو به آهي ۽ بيواهه جو به آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جون معاشي حالتون چئلينجنگ آهن، سعودي وزيرن سان مطمئن ڪندڙ ملاقاتون ٿيون آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي ڪاروباري شخصيتون پاڪستان اچڻ واريون آهن، حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي،  هن وڌيڪ چيو ته منهنجو مرحوم والد به مزدور هو، منهنجو والد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاهور آيو هو ۽ 6 ڀائرن سان لاهور جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو، منهنجي والد لاهور جي هڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شام جو مزدوري ڪندو هو.  وزيراعظم چيو ته اسان مزدورن جي عظمت کان پوري طرح واقف آهيون، جيڪڏهن مزدورن کي سندن جائز حق نه ملندا ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، وصول خرچ گهٽائڻ سميت مزدورن جي پگهارن ۾ واڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، شهباز شريف چيو ته سيڙپڪار ۽ مزدور هڪ ئي گاڏي جا ڦيٿا آهن، هر ڪارخاني ۾ هڪ ڦيٿي هڪ سيڙپڪار ۽ هڪ مزدور هوندو آهي، سيڙپڪارن، واپارين، صنعتڪارن، واپارين ۽ سرمائيڪارن جي دولت تي مزدورن جو به حق آهي، ڪاروباري ماڻهو مزدورن جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج لاءِ ڪو منصوبو ٺاهين ته جيئن مزدورن جا ٻار به انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿي سگهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.