ججن جي خط جي سنگين معاملي تي سنجيدگي نه پئي ڏيکاري وڃي:رئوف حسن

اسلام آباد ( بيورو + م ڊ )  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن چيو ته ججن ڏسجي خط جي سنگين معاملي تي سنجيدگي نه ڏيکاري پئي وڃي، اسان کي انصاف نه ملندو ته عام شهرين کي ڪيئن ملندو؟ ، هن چيو ته بلوچستان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽن جا جواب ساڳيا آهن، ججن جي خط جي سنگين معاملي تي سنجيدگي نه ڏيکاري پئي وڃي. رئوف حسن چيو ته هو حڪومت جي ڪميشن قائم ڪرڻ واري موقف جي مخالفت ڪن ٿا. ان موقعي تي بئريسٽر ابو زر سلمان چيو ته ملڪ ۾ ججن کي انصاف نه ملندو ته پوءِ شهرين کي انصاف ڪيئن ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.