واٽس ايپ جي سربراهه اعتراف ڪيو آهي ته سموري دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو پابندين باوجود هن ايپ تائين ڳجهي طريقي سان پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪي حل ڳولي ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي واٽس ايپ جي سربراهه وِل ڪيٿرٽ اعتراف ڪندي ٻڌايو ته اوهان کي اِهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته ڪيترن ئي ماڻهن ڳجهي نموني واٽس ايپ تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ حل تلاش ڪري ورتا آهن.
اولهه وارن ملڪن جي مختلف ايپس جيان واٽس تي به ايران، اتر ڪوريا ۽ شام ۾ پابندي مڙهيل آهي، گذريل مهيني چين به واهپيدارن تي واٽس تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي پابندي لاڳو ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي.
قطر، اردن، ۽ گڏيل عرب رياستن سميت ٻين ملڪن ۾ واٽس جَي وائس ڪالز سان گڏوگڏ ڪجهه فيچرز تي پابندي آهي، پر واٽس ايپ ڏسي سگهي ٿو ته ان جا واهپيدار ڪٿي ڪٿي موجود آهن جنهن جو اهم ڪارڻ واهپيدارن جا رجسٽرڊ نمبر آهن.
ول ڪيٿرٽ جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙا اطلاع آهن ته ماڻهو واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا ۽ جڏهن اهڙن ملڪن کي مانيٽر ڪيو ويندو آهي جتي پابندي لاڳو آهي، اسان ڄاڻي سگهون ٿا ته ڪروڙين واهپيدار هاڻ به اتي واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهن.
ويجهڙائي ۾ چيني حڪومت ايپل ڪمپني کي حڪم ڏنو آهي ته چيني آءِ فون واهپيدارن کي ايپل اسٽور تان واٽس ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ول ڪيٿرٽ اهڙي حڪمنامي کي بدقسمتي قرار ڏنو آهي، پر اينڊرائيڊ واهپيدار هاڻ به چين ۾ واٽس ايپ استعمال ڪري سگهن ٿا.
ول موجب، وي پي اين ۽ واٽس ايپ جي پراڪسي سروس جي ڪري، جيڪا گذريل سال جون ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جي ذريعي ايپ تائين رسائي حاصل ڪرڻ ممڪن بڻجي ويو آهي.
واٽس ايپ ۽ سگنل، جن کي محفوظ ايپ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن تحت پيغام موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ ئي اِهو پڙهي ۽ ڏسي سگهي ٿو، ان کانسواءِ چين طرفان ٽيلي گرام تي پڻ پابندي مڙهي ڇڏي آهي جڏهن ته مائيڪرو بلاگنگ ايپ ٿريڊز کي هٽائڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي.
واٽس سربراهه موجب، اِها فخر جوڳي ڳالهه آهي ته اسان سموري دنيا کي اهڙي محفوظ نجي رابطا ڪاري جي سهولت ڏئي رهيا آهيون جيڪا فوجي حڪومت جي سرويلنس يا جاسوسي کان آزاد آهي، پر هن اِهو به چيو ته هي هڪ خطرو آهي ۽ هڪ مسلسل جنگ آهي.
قومي سلامتي جي بنياد تي چيني ٽِڪ ٽاڪ ايپ تي امڪاني پابندي سان آمريڪا ان جنگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي.
ول ڪيٿرٽ برطانيا سميت سڄي دنيا ۾ ڪيئي حڪومت طرفان اهڙيون ڪوششون تي به خدشن جو اظهار ڪيو جنهن تحت واٽس ايپ کي محفوظ پيغامن واري سروس تي پابندي لاڳو ڪري سگهجي ٿي ۽ پوليس کي اجازت ڏئي سگهجي ٿي ته شڪي جوابدارن جا پيغام پڙهيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته اِهو بحث اڃا ختم نه ٿيو آهي، ماڻهن پنهنجي پرائيوسي بابت ڳڻتي آهي ۽ ان حوالي سان به ته محفوظ پيغام جي سروس ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته اِهو ئي هڪ سبب آهي جو اسان ان معاملي تي ايڏو ڊگهو بحث ڪيو ته جيئن اِهو واضح ٿئي ته ان جو مطلب ڇا آهي ۽ ڇا داءُ تي لڳل آهي.