انسٽاگرام ۾ تبديلي، ٻين جا وڊيوز کڻي رکندڙ هوشياري وٺن!

انسٽاگرام طرفان هڪ وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي، جيڪا گهٽ فالوورز وارن واهپيدارن جي ريلز وڊيوز کي گهڻن ماڻهن تائين پهچائڻ تائين مدد فراهم ڪندي.
ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ريلز وڊيوز جي ريڪومنڊيشن الگورٿم کي تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
بلاگ پوسٽ موجب ڪمپني طرفان رينڪنگ سسٽم کي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن گهٽ فالوورز وارن اڪائونٽن کي پنهنجو مواد وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ مدد ملي سگهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻي گهڻو ڪري وڌيڪ مشهور واهپيدارن طرفان ٻين جو مواد پوسٽ ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي وڊيوز کي وڌيڪ ماڻهن تائين رسائي ملندي آهي، جڏهن ته اورجنل مواد تيار ڪرڻ وارا ننڍا اڪائونٽ پوئتي رهجي ويندا آهن.
ڪمپني ۾ چوڻ هو ته اسان هر واهپيدار لاءِ هڪ جهڙو موقعو فرام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهو ته اڃا واضح ناهي ٿي سگهيو ته واهپيدارن کي هڪجهڙو موقعو ڏيڻ لاءِ الگورٿم ۾ ڪهڙيون تبديلون ڪيون ويون آهن پر اهو واضح آهي ته الگورٿم طرفان وڌيڪ فالوورز وارن اڪائونٽن کي هاڻي ترجيح نه ڏني ويندي.
ٻين واهپيدارن جي ريلز کي ٻيهر پوسٽ ڪرڻ وارڻ اڪائونٽن جي مواد تي هڪ ليبل لڳايو ويندو جنهن ۾ مواد تيار ڪندڙ واهپيدار کي ٽيگ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.