ايف آءِ اي جو پي سي بي جي هيڊ ڪوارٽر تي ڇاپو، مالي گهوٻيون يا ڪجهه ٻيو، معاملو ڇا آهي؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي ڇاپي بابت موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ايس ايل ۽ انٽرنيشنل ميچن جي ٽڪيٽن جي وڪرو واري معاملي تي ملندڙ شڪايتن کانپوءِ پي سي بي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي لاهور جي اختيارين موجب، هڪ نجي ڪمپني طرفان شڪايتون مليون آهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽڪيٽن واري شعبي ۾ ڪروڙين رپين جون مبينا ڪرپشن ٿي آهي.
اختيارين موجب، شڪايتن تي ايف آءِ اي پي سي بي جي ٽڪيٽن واري شعبي جي انچارج مهوش عمر کي ڪيئي ڀيرا طلبي جا نوٽيس موڪليا هئا پر هوءَ پيش نه ٿي.
ذريعن موجب، مهوش عمر جي پيش نه ٿيڻ تي ايف آءِ اي اختيارين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽڪيٽنگ شعبي خلاف ڪارروائي ڪندي سمورو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي مهوش عمر پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.
اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پي ايس ايل ۽ عالمي ميچن جي ٽڪيٽن جي وڪري ۾ ڪروڙين رپيا جون گهوٻيون هنيون ويون ۽ سوين ٽڪيٽن جو ڪو حساب ڪتاب ئي نه آهي.
ايف آءِ اي موجب، جيڪو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي اِهو اڪائونٽس کان ابتڙ آهي، ان سلسلي ۾ پي سي بي جي ٻين اعلي عملدرن کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان ايف آءِ اي جي ڇاپي ۽ ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جاچ اداري سومر جي شام ڪارروائي ڪئي، جنهن تي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪري سگهجي.
ترجمان چيو ته اداري جي پاليسي موجب، هي هڪ حساس نوعيت جو معاملو آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي ڪو بيان جاري نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته معاملي کي پي سي بي جون اعليٰ اختياريون ڏسي رهيون آهن.
هوڏانهن اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي پروفيشنل ٽيم سان اهڙي قسم جو ورتاءُ ناانصافيءَ تي ٻڌل آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس بيان جاري ڪندي نجم سيٺي چيو ته مهوش عمر جو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي ترقي ۽ پي ايس ايل جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.
هن چيو ته ايف آءِ اي مهوش عمر تي اسي هزار رپين جي گهوٻين جو الزام لڳايو آهي جڏهن ته پاڪستان سپر ليگ 2023ع ۾ ٽڪيٽن جي وڪرو اٽڪل سٺ ڪروڙ تائين هو.
سندس چوڻ هو ته ٽڪيٽن جي ورڇ ۾ گهوٻين جو الزام بڪ مي نالي هڪ ڪمپني لڳايو آهي جيڪا هڪ صاف شفاف بِد ۾ پنهنجو ڪانٽريڪٽ حاصل نه پئي ڪري سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ ذميوار پروفيشنل عورت آفيسر سان اهڙو ڪِريل ورتاءُ صحيح ناهي، جنهن تي هو مهوش عمر سان گڏ آهي هو ان سلسلي ۾ موجودا پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان به رابطو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.