”اي آءِ خطرناڪ بڻجي وئي“ ڪترينا ڪيف به ڊيپ فيڪ وڊيوز جو شڪار

ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف جو هڪ وڊيو منظرعام تي آيو آهي، جنهن ۾ هوءَ فرانسيسي ٻولي ۾ تقرير ڪري رهي آهي، وڊيو ۾ اداڪارا پنهنجي ۽ سلمان خان جي فلم ”مين ني پيار ڪيون ڪيا“ جي سينئر اداڪارا بينا ڪاڪ جي باري ۾ ڳالهائي رهي آهي، فلم ۾ بينا ڪاڪ سلمان خان جي والده جو ڪردار ادا ڪيو هو.
وڊيو کي اصلي سمجهندڙ سوشل مڊيا جي واهپيدارن ڪترينا ڪيف جي فرانسيسي ٻولي ۾ مهارت جي خوب تعريف ڪئي، ڪجهه واهپيدارن نشاندهي ڪئي ته اها وڊيو اصل نه پر اي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي.
اداڪارا جي فين پيج تي ٻڌايو ويو ته اها وڊيو 2019ع جي آهي، جڏهن ته ڪترينا ۽ سلمان ممبئي ۾ بيناڪاڪ جي ڪتاب جي لائونچنگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، اصلي وڊيو ۾ به اداڪارا بينا ڪاڪ جي باري ۾ به اهڙي ئي ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جڏهن ته جعلي وڊيو ۾ ڪترينا جا لفظ ساڳيا ئي آهن پر ٻولي تبديل ڪئي وئي آهي.
وڊيو جي باري ۾ هڪ واهپيدار چيو ته اي آءِ خطرناڪ آهي، عام ماڻهو کان وٺي مشهور شخصيتن تائين هر هڪ کي خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.