رضا علي عابدي جي قتل ڪيس ۾ 4 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ رضاعلي عابدي جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدار عبدالحسيب ،غزالي،محمد فاروق ۽ ابوبڪر کي عمرقيد ۽ هڪ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي .جڏهن ته عدالت ڪيس جي روپوش جوابدارن محمد فاروق ،حسنين ،غلام مرتضي عرف کالي چرن جو ڪيس دفتر ڪري ڇڏيو آهي ته جڏهن به جوابدار گرفتارٿين ته ان کي  عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جوابدارن جي خلاف گذري ٿاڻي دهشتگردي ايڪٽ ۽ قتل قلمن  جي تحت ڪيس داخل هو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.