ڪراچي جي ڪمرشل گئس جو وڏو حصو ڪوئيٽا ۾ استعمال ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ سوئي گئس جي اوور بلنگ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزير ڪوئيٽا ۾ گئس چوري ۾ کاتي جي آفيسرن جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو، اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪراچي مان ڪمرشل گئس جو وڏو حصو ڪوئيٽا ۾ رهائشي مقصدن لاءِ ڏنو ويندو آهي.
ڪوئيٽا ۾ سوئي گئس جي اوور بلنگ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ايوان ۾ پيش ڪيو ويو ته پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير انڪشاف ڪيو ته ڪراچي مان ڪمرشل گئس جو وڏو حصو ڪوئيٽا ۾ رهائشي مقصدن لاءِ ڏنو ويندو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ معاملي تي فڪس ريٽ 5700 مقرر ڪيو، ڪوئيٽا ۾ نقصان 55 سيڪڙو آهن.
هن گئس چوري ۾ کاتي جي آفيسرن جي ملوث هجڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته قدرتي ذخيرا اسان جو قومي سرمايو آهن، چوري سان وڏا نقصان ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.