” مون کي جِنَ سڏيندا رهندا آهن“ اداڪارا ماه نور جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ترين ڊارما سيريل ” خئي “ ۾ ” آپانا “ جي ڪردار ذريعي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ماه نور حيدر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس گهر ۾ ڊگهي عرصي کان جن موجود آهن.
ڪجهه ڏينهن ماه نور حيدر پنهنجي ساٿي اداڪار شجاع اسد سان گڏ نجي ٽي وي چئنل جي ڪاميڊي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي هئي جنهن دوران هن پنهنجي گهر بابت هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو.
شو جي ميزبان کائنس سوال ڪيو ته اوهان اسڪردو، گلگت بلتستان جي علائقي ۾ شوٽنگ ڪئي ته ڪڏهن عڪسبنديءَ دوران جنن نظر آيا؟
ان سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته سندس گهر ۾ جنن جو ديرو آهي ڇو ته اڪثر رڌڻي ۾ منهنجي نالي جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي پر جڏهن پوئتي مُڙي ڏسندي آهيان ته ڪجهه ناهي هوندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هن کان پهرين سندس ماءُ کي به اهڙي قسم جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.
ماه نور چيو ته اهو سلسلو ڊگهي عرصي کان جاري آهي، ڪيئي سال اڳ هڪ دفعي ته ائين ٿيو جو منهنجو پيءُ صبح سوير واڪ لاءِ گهران نڪري ويو پر امان کي بابو گهر ۾ موجود نظر آيو.
هن چيو ته ان ڏينهن کان اسان کي پنهنجي گهر ۾ عجيب قسم جون سرگرميون محسوس ٿينديون آهن پر هاڻ اسان کي انهن جي شين جي عادت پئجي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.