ڊگهي عرصي کان منظر تان گم ” عمران خان “ جي وڏي پردي تي واپسي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عامر خان جي ڀاڻيجو عمران خان نوَ ورهين کانپوءِ وڏي پردي تي واپسي ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، عمران خان ڪجهه عرصي کان اداڪار جي دنيا ۾ واپسي تي غور ڪري رهيو هو ۽ هاڻ اِها خبر سامهون آئي آهي ته هو عامر خان جي پروڊيوس ڪيل ڪاميڊي فلم ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندو.
عامر خان جي جي پروڊيڪشن هيٺ ٺهندڙ ” هيپي پٽيل “ نالي فلم جي هدايتڪاري ويرداس ڪندو، هو هن فلم ذريعي ان ذريعي هدايتڪاري جي دنيا ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارتي رياست گوا ۾ فلم جي عڪسبندي شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته عمران خان اٺ مهينا اڳ ئي بالي ووڊ ۾ پنهنجي واپسيءَ جو اشارو ڏنو هو ۽ هن وقت فلم جي تياريءَ ۾ رڌل آهي.
عمران خان 2008ع ۾ پنهنجي مامي عامر خان جي پرڊيوس ڪيل فلم” جاني تو يا جاني نا “ ذريعي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ قدم رکيو هو جنهن کانپوءِ ٻنهي سال 2011ع ۾ ” دهلي بيلي “ ۾ به گڏ ڪم ڪيو هو، عمران خان ۽ عامر خان جون اِهي ٻئي فلمون باڪس آفيس تي ڇائنجي ويون هيون.
ياد رهي ته عمران خان آخري ڀيرو ڪاميڊي رومانوي فلم ” ڪٽي بٽي “ ۾ نظر آيو هو جيڪا 2015ع ۾ رليز ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.