مشهور ڀارتي اداڪار جوئا ايپس جي اشتهاري مهم ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي گرفتار

ڇتيس ڳڙهه ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پوليس گرفتاري کان بچي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ اداڪار ساحل خان کي ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جوئا جي ايپ واري ڪيس ۾ عدالت طرفان ضمانت رد ٿيڻ تي اداڪار گرفتاريءَ بدران فرار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو .
پوليس موجب، اداڪار ٽن ڏينهن دوران ڀارت جي پنج رياستن مان گذرندر 18 سئو ڪلوميٽر جو ڊگهو سفر ڪيو پر کيس ڇتيس ڳڙهه مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
ساحل خان گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجو ويس بدلايو ۽ هڪ اسڪارف استعمال ڪري رهيو ته جيئن کيس سڃاڻي نه سگهجي.
واضح رهي ته اداڪار تي جوئا جي ايپس جي اشتهاري مهم ۾ حصو وٺڻ ۽ ان ۾ متحرڪ رهڻ جو الزام آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.