ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٻارن پاران ڪيوي ٽيم جو اعلان، سوشل ميڊيا چرچا

ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ميگا ايونٽ جي ٽيم جي قيادت ڪين وليمسن کي سونپي وئي آهي ۽ هو چوٿين ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪيوي ٽيم کي ليڊ ڪندو.
ايڊم ملني انجري سبب اسڪواڊ جو حصو نه آهي جڏهن ته ڪائل جيميسن به چيلهه جي تڪليف سبب ري هيب مرحلي مان گذري رهيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ ۾ ڪين وليمسن ڪپتان، فِن ايلن، ٽرينٽ بولٽ، مائيڪل بريسويل، مارڪ چيپمين، ڊيون ڪانوي، لوڪي فرگوسن، مئٽ هينري ۽ ڊريل مچل شامل آهن.
ان کانسواءِ جيمي نيشم، گلين فلپس، راچن رويندرا، مائيڪل بريسويل، مچل سينٽنر، ٽِم سائوٿي ۽ ايش سوڊي پڻ اسڪواڊ جو حصو آهن، جڏهن ته بين سيئرز کي ٽريلونگ ريزرو طور شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان مقرر ڪيل ڊيڊ لائين کان ٻه ڏينهن اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ طرفان منفرد انداز ۾ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سليڪٽرن بدران ٻن ٻارڙن ٽيم جو اعلان ڪيو ويو .
اين زيڊ سي ترجمان موجب، اينگس ۽ متلڊا نالي هي ٻئي ٻارڙا آڪلينڊ جي مقامي ڪرڪيٽ ڪلب سان سلهاڙيل آهن.
ان کانسواءِ نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي نئين ڪِٽ پڻ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.