چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول آءِ سي سي کي موڪلو ويو ، ڀارت جون ميچون ڪٿي ٿينديون؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ ميزباني لاءِ شيڊيول آءِ سي سي کي موڪلي ڇڏيو، جنهن ۾ ڀارت جون ميچون پاڪستان ۾ ئي رکيو ويون آهن.
قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيندي ۽ سمورين ميچن جو شيڊيول آءِ سي سي کي موڪلي ڇڏيو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوشش ڪنداسين ته هڪ سٺي انداز ۾ ٽورنامينٽ جو انعقاد ڪيون، اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.