سون جو هوٽل، جتي ڪموڊ سميت هر شئي سوني آهي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اهميت سڀني کي خبر آهي ته هي ڪيترو قيمتي هوندو آهي پر دنيا ۾ هڪ هوٽل اهڙو آهي جنهن ۾ هر شئي سون جي آهي.

24 قيراط سون جي ورقن سان سينگارل هوٽل ايشيائي ملڪ ويٽنام ۾ آهي.

هن هوٽل جو نالو دي ڊولس از ونڊهم هنوئي گولڊن ليڪ گولڊن آهي جيڪو پهريون گولڊ پليٽڊ هوٽل آهي جنهن جي ڀتين کان ويندي واش روم تائين هر شئي 24 قيراط سون ۾ رڱيل آهي جنهن کي ڏسي هر ڪو حيران ٿي ويندو آهي.

گولڊ ٽائلڊ انفينٽي پول مٿئين منزل تي موجود آهي جيڪو هن هوٽل جو سڀ کان شاندار حصو آهي. ان جي هر ٽائلز تي سون جا تهه چڙهيل آهن جيڪي خبصورت منظر پيش ڪندا آهن.

هن هوٽل جو هر ڪمرو سون سان سينگاريل آهي، باٿ ٽب، بيسن ۽ ڪموڊ به گولڊ پليٽڊ آهن.

هوٽل ۾ کاڌي جي ٽري کان ويندي صوفي تائين هر شئي ۾ سون استعمال ٿيل آهي. اسٽيڪ کي به سون جي ورق ۾ ويڙهي پيش ڪيو ويندو آهي.

22 ملين پائونڊ جي رقم سان ٺهرايل هي هوٽل 25 ماڙ آهي جنهن کي 11 سالن ۾ ٺاهيو ويو هو، هن ۾ 400 ڪمرا آهن ۽ هر ڪمرو سون جي ٿيم تي ٻڌل آهي.

هن هوٽل ۾ هڪ رات ررهڻ لاءِ ڪمري جو ڪرايو 250 پائونڊ کان 280 پائونڊ تائين آهي.

هتي ڪرائي لاءِ 5 هزار 200 اسڪوائر ميٽر اپارٽمينٽس به موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.