اي ايس پي شهربانو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، تصويرون ۽ وڊيوز وائرل

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ مڇريل هجوم ۾ ڦاٿل عورت جي حياتي بچائيندڙ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس سيده شهربانو نقوي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي، جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
شهربانو نقوي جي شادي تقريبن جون تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل آهن، سندس شادي اشتر نقوي نالي شخص سان ٿي آهي.
مهندي جون تصويرون فوٽوگرافر شيئر ڪيون ۽ گڏوگڏ ميڪ اپ آرٽسٽ به عورت پوليس آفيسر جون وڊيوز پوسٽ ڪيون.
شهربانو مهندي تي ڊزائينر محسن نويد رانجها جو شرارو پاتو، جيڪو پيلي رنگ جو هو، ان کانسواءِ هوءَ ڄڃ تي ڳاڙهي رنگ جي عروسي لباس ۾ نظر آئي.
رپورٽن موجب شهربانو جي مهندي ۽ شادي جون تقريبون لاهور ۾ ٿيون، جڏهن ته وليمي جي تقريب 28 اپريل تي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.