تعليمي ايمرجنسي جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي، وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي باضابطا طور اعلان ڪندو.
پاڪستان ۾ ايندڙ چئن سالن لاءِ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان وفاقي تعليمي وزارت جي انتظام هيٺ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جا وڏا وزير، تعليم وارا وزير شريڪ ٿيندا.
گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به اها ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو سڀاڻي باضابطا طور اعلان ڪندو.
وفاقي تعليمي وزارت موجب تعليمي بجيٽ کي 0.5 سيڪڙو مان وڌائي ايندڙ 4 سالن ۾ 5 سيڪڙو ڪرڻ جو هدف آهي، ٻه ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 4 سالن ۾ اهو انگ گهٽ ڪري 90 لک تائين آڻڻ جو هدف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.