ڪردارن کي امرتا بخشيندڙ عرفان خان کي وڇڙئي چار ورهيه وهامي ويا

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪار عرفان خان کي وڇڙئي چار ورهيه وهامي ويا آهن ۽ اڄ سندس چاهيندڙ کيس مختلف طريقن سان ٽربيوٽ پيش ڪري سندس ڪم کي ساراهي رهيا آهن.
عرفان خان ڀارتي رياست راجستان جي شهر جئپور ۾ ست جنوري 1967 ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي فلمي سفر جي شروعات 1985 کان ڪئي.
عرفان خان 2018ع ۾ پنهنجي سمورن چاهيندڙن کي اهو ٻڌائي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ته هو نيورو اينڊوڪرائن ٽيومر ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هو علاج جي حوالي سان پرڏيهه هليو ويو هو.
واپسي تي هن مختلف پروجيڪٽ مڪمل ڪيا پر پنهنجي بيماري سبب عرفان خان فلم انگلش ميڊيم جي مشهوري مهم جو حصو به نه بڻجي سگهيو، اها عرفان خان جي آخري فلم هئي.
عرفان خان 29 اپريل 2020ع تي 53 ورهين جي عمر ۾ ڪولن انفيڪششن نالي بيماري سان جهيڙيندي ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
هن لنچ باڪس، پيڪو، مداري سوڌو ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو.
عرفان خان کي فلم پان سنگهه تومر ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو هو ان کان کانسواءِ کيس فلم مقبول ۽ پيڪو ۾ بهترين پرفارمنس ڏيڻ تي هميشه ياد رکيو ويندو.
عرفان خان ڪيترن ئي هالي ووڊ جي پراجيڪٽ جو حصو پڻ رهيو جن ۾ سلم ڊاگ ملينئر، جراسڪ ورلڊ، دي اميزنگ اسپائيڊر ۽ لائف آف پاني جهڙيون فلمون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.