”نواز شريف چاهي ته اڄ به وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو“

مريدڪي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا تنوير حسين چيو آهي ته نواز شريف وزيراعظم بڻجڻ چاهي ته اڄ به بڻجي سگهي ٿو.
مريدڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو نواز شريف جو هو، هو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ته اڄ به بڻجي سگهي ٿو.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو فوڪس مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ معيشت جي بحالي تي آهي، مهانگائي گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ 5 کان 6 مهينن دوران وڌيڪ گهٽجندي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سميت سڀني جماعتن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون، نواز شريف سدائين سڀني سان گڏ ويهڻ ۽ گڏجي هلڻ جي ڳالهه ڪئي، تحريڪ انصاف رڳو پنهنجي لاءِ سوچي ٿي، ملڪ لاءِ سوچي ته اڳتي وڌي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.