پي آءِ اي جي نجڪاري جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن جي نجڪاري ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ملڪي، پرڏيهي سيڙپڪارن تفصيل حاصل ڪيا، سيڙپڪار پاڪستاني ايئرلائن جي نجڪاري لاءِ 3 مئي تائين آڇون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ مقامي، پرڏيهي سيڙپڪارن جي ٻولين جو امڪان آهي، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ان دلچسپي وٺڻ ۾ وزيراعظم اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
ذريعن موجب نجڪاري واري وزير پرڏيهي سيڙپڪارن کي بريفنگ ڏني، جڏهن ته پرڏيهي وزير به ان حوالي سان مدد ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.