سير سفر جي شوقينن لاءِ گوگل ميپس ۾ نئون ۽ ڪارائتو فيچر متعارف

جيڪڏهن اوهان سير سفر جا شوقين آهيو ته گوگل ايپس ۾ ان حوالي سان هڪ نئون ڪارائتو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
جنريٽيو آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل هي فيچر اوهان کي ڪنهن به علائقي جي سٺن ماڳن جي ڳولا ۾ مدد فراهم ڪندو.
هن فيچر ذريعي واهپيدارن لاءِ مخصوص دڪان، ڪيفي ۽ ٻيا هنڌ ڳولڻ آسان بڻجي ويندو، نئين فيچر جو اشارو گوگل ميپس جي بيٽا ورجن ۾ مليو آهي.
هڪ رپورٽ موجب، فيچر جي ڪوڊ ۾ اي آءِ جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو ويو آهي ته هن فيچر تحت اوهان ڪنهن خاص ماڳ يا دڪان بابت تفصيل لکي سرچ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، اوهان کي رڳو اِهو ٻڌائڻو پوندو ته اوهان ڇا ڳولي رهيا آهيو؟ جنهن پٽاندڙ ايپ طرفان اوهان کي ويجهن ماڳن بابت ٻڌايو ويندو.
فلحال فيچر بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا تنهنڪري اِهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته اِهو ڪيستائين سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.