چين جو تاريخ ساز مشن چنڊ جي اونداهين حصي ڏانهن روانو ٿيڻ لاءِ تيار، پاڪستاني سيٽلائيٽ به شامل

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين چنڊ تي هڪ نئون مشن چينگ اي 6 مئي جي شروعات ۾ موڪلي رهيو آهي جيڪو ان حصي جا نمونا گڏ ڪري واپس اُماڻيندو جيڪو ڌرتيءَ تان نظر ناهي ايندو.
هي انتهائي اهم اڳڀرائي آهي ڇاڪاڻ ته ان سان ويجهي مستقبل ۾ چنڊ جي ڏاکڻي قطب ۾ بيس جي اڏاوت ۽ پهرئين چيني انسان بردار مشن لاءِ رستو کُلي ويندو.
هي مشن ٽي مئي تي روانو ڪيو ويندو جنهن ۾ پاڪستان جي به هڪ سيٽلائيٽ شامل هوندي، مجموعي طور تي هن مشن ۾ پاڪستان، يورپين اسپيس ايجنسي، فرانس ۽ اٽلي جي پي لوڊ کي پاڻ سان گڏ چنڊ تي وٺي ويندو.
هن مشن ذريعي پاڪستان جي ڪيوب سيٽ نالي مني ايچر سيٽلائيٽ کي چنڊ جي مدار تي پهچايوويندو.
جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته چينگ اي 6 مشن چنڊ تي اونداهين حصي ۾ وڃي اتان جي سطح تان نمونا گڏ ڪري ڌرتي تي واپس موڪليندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.